
نصير ميمڻ
نار واري جنگ هر ڏينهن پنهنجا پر پکيڙي رهي آهي، تيل جا ذخيرا، مالياتي ادارن جون آفيسون، هوائي اڏامن جون سرگرميون ۽ انهن سان سلهاڙيل عالمي معيشتون، سڀ ان جو نشانو بڻجي رهيا آهن، وچ اوڀر مان اٿيندڙ جنگ جا شعلا زندگيءَ جي سمورن شعبن کي وڪوڙي رهيا آهن، جنگ جي منڍ ۾ ايران ۾ هڪ اسڪول کي نشانو بڻائي درجنين معصوم ٻارڙين کي قتل ڪيو ويو. غزه واري جنگ ۾ به هر قسم جي عوامي ماڳن کي نشانو بڻايو ويو. ان ۾ اسپتالون ۽ کاڌو وٺڻ لاءِ ڪٺا ٿيندڙ ميڙ به نشانو بڻايا ويا، جنگ جي اخلاقيات وارو سوال به بي معنيٰ بڻيل آهي.
هڪ ته جنگ آهي ئي هڪ بدترين غير اخلاقيءَ ۽ غير انساني عمل، سو ان ۾ اخلاقيات جي ڪهڙي اميد رکجي. ايران واري جنگ دوران هڪ ٻه واقعا پيئڻ جي پاڻيءَ جي وسيلن کي نشانو بڻائڻ جا پڻ ٿيا آهن. وچ اوڀر ۾ ايراني نار وارا هي ملڪ جنهن خطي ۾ واقع آهن، اتي پيئڻ جو پاڻي عام انساني گهرجن، جي ڀيٽ ۾ غير معمولي اهميت وارو آهي.
وچ اوڀر وارن ملڪن لاءِ پاڻي تيل کان گهٽ قيمتي ناهي. مٺي پاڻيءَ جي وسيلن جي کوٽ سبب هي خطو وڏي پئماني تي مهانگي لوڻياٺي پاڻيءَ مان مٺي ٿيل پاڻيءَ (desalinated water) تي ڀاڙي ٿو. هلندڙ جنگ دوران، مخالفن نه رڳو هڪ ٻئي جي تيل جي ذخيرن تي گولا باري ڪئي، پر پاڻي صاف ڪرڻ جي ٻن پلانٽن کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي. خوش قسمتيءَ سان هينئر تائين ٻن واقعن کان سواءِ، ميزائل بيٽرين جو رخ اڃا تائين پاڻيءَ جي پلانٽن ڏانهن ناهي ڪيو ويو، نه ته ان جا نتيجا تيل جي ذخيرن کي نشانو بڻائڻ کان به وڌيڪ ايذائيندڙ ٿي سگهن ٿا.
ايران دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا قشم ٻيٽ تي مٺي پاڻيءَ جي هڪ پلانٽ تي حملو ڪيو، جنهن سان 30 ڳوٺن کي پاڻيءَ جي فراهمي ڪٽجي وئي. هوڏانهن بحرين ايران تي ڊرون حملي جو الزام لڳايو جنهن ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جي هڪ پلانٽ کي نقصان پهتو.
ڪويت کان وٺي گڏيل عرب اماراتن (UAE) تائين، فارس واري نار ۾ 400 کان وڌيڪ ڊي-سيلينائيزيشن پلانٽ موجود آهن. سخت گرم ۽ خشڪ موسم وارن ريگستانن ۾ آباد هن خطي جي پاڻيءَ جي وسيلن جو 90 سيڪڙو جر جي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي صاف ڪيل پاڻيءَ تي ٻڌل آهي. خطي جي ان پاڻيءَ مٿان ڀاڙڻ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گڏيل عرب امارتن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جو 42 سيڪڙو انهن پلانٽن مان اچي ٿو، جيڪي روزانو 7 لک ڪيوبيڪ ميٽر کان وڌيڪ صاف پاڻي پيدا ڪن ٿا. ٻين خليجي ملڪن جو انحصار پڻ ساڳئي تناسب ۾ آهي، جنهن ۾ ڪويت (92 سيڪڙو)، عمان (86 سيڪڙو)، قطر (90 سيڪڙو) ۽ سعودي عرب (70 سيڪڙو) شامل آهن.
خليجي ملڪ، پنهنجي اسريل معيشت ۽ وڌندڙ آباديءَ جي پورائي لاءِ پاڻيءَ جي صفائيءَ لاءِ وڌيڪ وسيلا خرچ ڪري رهيا آهن. سعودي عرب هن ڏهاڪي دوران پاڻيءَ جي صفائيءَ جي رٿائن ۾ 80 ارب آمريڪي ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. سعودي عرب ۽ قطر پڻ پيئڻ جي پاڻيءَ جا وڏا پلانٽ لڳايا آهن، جيڪي روزانو 200,000 ڪيوبيڪ ميٽر کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪن ٿا. قطر ۾ ”ام الحول“ پلانٽ جي گنجائش روزاني 9 لک ڪيوبيڪ ميٽر آهي. يو اي اي ۾ ”جبل علي“ پلانٽ جي گنجائش روزانو 20 لک ڪيوبيڪ ميٽر آهي.
انهن ملڪن کي پنهنجي وڌندڙ صنعتي، زرعي ۽ گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ لڳاتار سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. يو اي اي جو اندازو آهي ته 2030ع تائين پاڻيءَ جي گهرج ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ٿيندو. ملڪ جي پاڻيءَ جي بجيٽ کوٽ ۾ آهي، ڇو ته اتي سالياني برسات 100 ملي ميٽر کان به گهٽ ٿئي ٿي ۽ جر جي پاڻيءَ جو نئون ساليانو مقدار ان جي سالياني کپت جي چار سيڪڙو کان به گهٽ آهي. ان سان ملڪ وٽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نٿو بچي.
نار وارا ملڪ پاڻيءَ جي پيداوار ۽ ان تي سرڪاري امداد جي مد ۾ وڏي رقم خرچ ڪن ٿا، جتي عياشيءَ واري زندگي گذارڻ لاءِ پاڻي بي درديءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن خطي ۾ في ماڻهو روزاني پاڻيءَ جو واهپو اچرج جوڳي حد تائين وڌيڪ يعني 560 ليٽر في ماڻهو آهي، جڏهن ته عالمي سراسري واهپو رڳو 180 ليٽر في ماڻهو آهي. سعودي عرب، آمريڪا ۽ ڪينيڊا کان پوءِ دنيا ۾ پاڻي استعمال ڪندڙ ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي.
پاڻيءَ معاملن کي وڌيڪ مهانگو بڻائيندڙ حقيقت اها آهي ته ايراني نار جو پاڻي عام سمنڊ جي پاڻيءَ کان 25 سيڪڙو وڌيڪ کارو آهي. ان ڪري اتي جي پاڻيءَ جي صفائيءَ وارو عمل وڌيڪ مهانگو هوندو آهي. دنيا جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊي- سيلينائيزيشن پلانٽن جو ماڳ هجڻ ڪري، هي خطو وڏي مقدار ۾ ”برائن“(brine) پڻ نيڪال ڪري ٿو، جيڪو پاڻي صاف ڪرڻ دوران پيدا ٿيندڙ هڪ گهاٽو گدلو پاڻياٺ هوندو آهي. اٽڪل ست ڪروڙ ڪيوبيڪ ميٽر برائن نار جي پاڻيءَ ۾ وهايو وڃي ٿو، جتي تيز گرمي پد سبب پاڻيءَ جي ٻاف بڻجي اڏامي وڃڻ وارو عمل (evaporation) پڻ تمام گهڻو تيز هوندو آهي.
نار وارا ملڪ علائقائي اندر پاڻيءَ جو واپار پڻ ڪندا آهن. 2018ع ۾، ابوظهبي فجيره کان لڳ ڀڳ 47 ارب امپيريل گيلن صاف ڪيل پاڻي درآمد ڪيو. هڪ مرحلي تي قطر ۽ ڪويت ايران کان وڏي مقدار ۾ پاڻي درآمد ڪرڻ تي ويچار ڪيو هو، پر سياسي حساسيت ۽ جوکم جي ڪري اهو خيال ترڪ ڪيو ويو.
ڊي- سيلينائيزيشن پلانٽن تي اهڙو دارومدار علائقائي تڪرار کي هڪ نئون رخ پڻ ڏئي ٿو. ڪا به اڳرائي يا نشانو خطا ٿيل گولو پاڻيءَ جي هن اهم بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري سگهي ٿو، جنهن جا نتيجا تباهه ڪندڙ هوندا. جنگي ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي اسڪولن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائڻ جا واقعا عام ٿي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح، پاڻيءَ جا پلانٽ پڻ ڪنهن به غير ذميواراڻي حرڪت جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
اهڙو هڪ واقعو 1991ع ۾ پڻ ٿيو هو، جڏهن ڪويت مان نڪرڻ وقت عراقي فوج پاڻيءَ جي پلانٽن کي تباهه ڪيو هو ۽ لکين گيلن تيل نار جي پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏيو هو. عراق تي ڪويت جي ”سي آئي لينڊ ٽرمينل“ تي تيل جا نلڪا کولڻ جو به الزام لڳايو ويو هو، جنهن سان تيل جو هڪ وڏو تھ سعودي عرب جي سامونڊي پٽيءَ تائين پکڙجي ويو هو، جنهن سعودي عرب جي پاڻي صاف ڪرڻ واري عمل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو. 1997ع ۾، شارجا ويجهو هڪ ٻيڙي جي ڦاسي پوڻ ڪري پاڻيءَ جي پلانٽ جي کڻت واري ماڳ وٽ وڏي پئماني تي ڊيزل وهي آيو هو، جنهن ڪري شارجا هڪ ڏينهن لاءِ پاڻيءَ کان محروم رهيو هو.
مئي 2024ع ۾، بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ خان يونس جي بمباري ڪيل پاڻيءَ جي ٽينڪن جون سيٽلائٽ تصويرون جاري ڪيون ويون، جتي تجزيو ڪيل 603 پاڻيءَ جي سهولتن مان اڌ کان وڌيڪ متاثر ٿيل هيون. بي بي سي گندي پاڻيءَ کي صاف ڪندڙ ڇهن پلانٽن جي تباهيءَ ۽ نقصان جي به خبر ڏني.
پيئڻ جي پاڻيءَ جي ذريعن کي تباهه ڪرڻ ڪنهن جنگي ڏوهه کان گهٽ ناهي جيڪو هاڻي جنگي اخلاقيات نه هجڻ سبب سولو ٿي ويو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ نار واري جنگ ڪنهن اهڙي انتها تي ته نه ٿي وڃي، جتي تيل جي ذخيرن جيان پاڻيءَ جي پلانٽن کي به نشانو بڻايو وڃي.
جيڪڏهن جنگ ۾ ڪن ذريعن جي ڄاڻي واڻي يا غلطين سان پاڻيءَ جو ڪو اهم وسيلو نشانو بڻجي ويو ته ان جا نتيجا انساني لحاظ کان تمام هاڃيڪار نڪرندا. پاڻيءَ جا وسيلا ۽ خاص طور تي پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ ڪنهن وڏي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ تڪڙا بحال ناهن ٿي سگهندا. وچ اوڀر جي ان جنگ سٽيل علائقي ۾ ڪرورڙين انسان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ انهن ئي وسيلن تي ڀاڙن ٿا، جن کي جنگي هٿيارن جو نشانو بڻائڻ کان بچائڻ گهرجي. ايران، عرب امارات، سعودي عرب ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن کي سفارتي سطح تي ان بابت گڏيل فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جنگ ۾ ٻيو جيڪو به ٿئي ٿو، ان کي هڪ پاسي رکندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪا به ڌر پيئڻ جي پاڻيءَ جي وسيلن کي نشانو نه بڻائيندي.
نصير ميمڻ ۽ ڪاوش اخبار جي ٿورن سان


