ايف پي سي سي آءِ ۽ يونيدو-آئي ٽي پي او گڏجي اي ڊي آءِ پي پاڪستان هيٺ صنعت ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪندا

پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز فيڊريشن جي صدر عاطف اڪرام شيخ اعلان ڪيو آهي ته ايف پي سي سي آءِ ۽ يونائيٽيڊ نيشنز انڊسٽريل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي انويسٽمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي پروموشن آفيس (يونيدو-آئي ٽي پي او) جي گڏيل سهڪار سان انٽرپرائز ڊولپمينٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن (اي ڊي آءِ پي) پروگرام پاڪستان ۾ صنعت ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهيو آهي. هي پروگرام ايف پي سي سي آءِ جي “لانچ پيڊ پاڪستان” ميگا انيشيٽو جي سهڪار سان هلائي پيو وڃي.

صدر ايف پي سي سي آءِ ٻڌايو ته هن پروگرام تحت اپريل يا مئي 2026ع دوران ڪراچي ۾ ايف پي سي سي آءِ هيڊ آفيس تي هڪ خصوصي تربيت سيشن منعقد ڪيو ويندو. هن سيشن جو بنيادي مقصد نوجوانن، اسٽارٽ اپس ۽ ڪاروباري عورتن کي انٽرپرائز ڊولپمينٽ، سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي بابت عملي ڄاڻ مهيا ڪرڻ آهي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔