Author name: manz101@gmail.com

دنگيءَ منجهہ جهان​

ايس ايس پي نسيم آرا پنھور جو پٽ 50 ھزار رپين جي ضمانت تي آزاد، ايس پي ڪلفٽن ​​واقعي جو جاچ ڪندو: سائوٿ زون پوليس

ھن کي ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ خانگي گاڏيءَ تي پوليس نمبر پليٽ هجڻ تان پوليس آفيسرن سان ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪراچيءَ ڏکڻ ضلعي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڇنڇر ڏينهن هڪ حاضر سروس پوليس آفيسر نسيم آرا پنھور جي پٽ کي ضمانت ڏئي ڇڏي جنهن کي ڪراچي جي ڊفينس […]

ڊولپنگ اسٽوري

ڪمانڊر ان چيف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آھيان، آئيني اختيارن ھيٺ فوج کي ھدايتون ڏيندو رھندس ۽ پرڏيھي معاملا بہ ھلائيندس: ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس کي خط موڪليا آھن جن ۾ وضاحت ڪئي وئي آھي ته جنگ بندي جي ڪري، کيس ايران ۾ فوجي ڪارروائي لاءِ ان جي اجازت جي ضرورت ناهي جيتوڻيڪ هن هفتي تڪرار کي 60 ڏينهن ٿي ويا آھن. صدر ٽرمپ جي خطن مان هڪ هائوس ڏانهن ويو ۽ هڪ سينيٽ ڏانهن

اڄ جو وڏو معاملو, انساني حق

آن لائن تشدد جي ڪري دنيا ۾ 13 سيڪڙو عورت صحافي ۽ ميڊيا ورڪرس شديد ذھني بيمارين جو شڪار آھن: گڏيل قومون

دنيا جون 44 سيڪڙو عورتون ۽ ڇوڪريون  جيڪي لڳ ڀڳ 1.8 ارب ٿين ٿيون سي قانوني تحفظ تائين رسائي کان محروم آھن: ڪليوپي مينگرو 3 مئي تي دنيا ۾ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ملھايو پيو وڃي ۽ ان موقعي تي يو اين وومين، دي نرو ۽ سندن پارٽنرز هڪ نئين رپورٽ جاري ڪري رهيا آهن

معيشت

ملڪ ۾ هڪ مهيني کان ھلندڙ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان، ايل اين جو ڪارگو پاڪستان پھچي ويو

بجليءَ واري وزير اويس لغاريءَ ملڪ ۾ هڪ مهيني کان ھلندڙ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ ھڪ ڏينھن اڳ ايل اين جيءَ جي شپمينٽ پهچي چڪي آھي. ھڪ  ٽيليويزن پيغام ۾ ھن چيو ويو ته بجلي جي تازي گھٽتائي آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي ڪري پيدا ٿيل گئس

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي

قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھہ جي اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ ۾ ‘پلگ ان’ نالي ساليانو اٺون پروجيڪٽ ۽ پوسٽر مقابلو

سنڌ جي ضلعي نوابشاھہ ۾ قائم قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ 28 اپريل تي پلگ ان جي نالي سان مشھور پنھنجو اٺون ساليانو پروجيڪٽ ۽ پوسٽر مقابلو 2026 منعقد ڪيو. مقابلي واري تقريب IEEEP لوڪل سينٽر نوابشاهه پاران منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سڄي علائقي مان شاگردن، تعليمي

انساني حق

ايمان مزاريءَ ۽ سندس مڙس هادي علي سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو، پيڪا ھيٺ آيل سزا خلاف اپيلن جي ترت ٻڌڻيءَ جي درخواست

انساني حقن جي وڪيلن ايمان زينب مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو جنھن ۾ ھنن تڪراري سوشل ميڊيا پوسٽ ڪيس ۾ پيڪا ھيٺ کين آيل سزا خلاف اپيلن جي ترت ٻڌڻيءَ جي درخواست ڪئي. 24 جنوري تي هڪ سيشن ڪورٽ ايمان ۽ هادي کي ڪيس ۾ مختلف

ڊولپنگ اسٽوري

جيڪي ماڻھو سمجھن ٿا تہ آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي انھن کي پنهنجي دماغ جي ٻيھر چڪاس ڪرائڻ گهرجي

جڳ مشھور سنڌي سفارتڪار ۽ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي اڳوڻي صدر ڪشور محبوباڻيءَ جو تجزيو آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ معاشي فرق ھن ڏهاڪي جي آخر تائين 11 کرب آمريڪي ڊالرن تائين وڌڻ جو امڪان آهي پر هڪ مشهور عالمي ماھر موجب دنيا ۾ خراب ٿيندڙ جيوپولٽيڪل صورتحال خاص طور تي ايران

Uncategorized, دنگيءَ منجهہ جهان​

ملڪ ۾ ڪڻڪ جي گھرو کپت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ذخيرا موجود آهن: وفاقي سرڪار

خوراڪ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين نيشنل ويٽ اوور سائيٽ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنھن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي مھم، پوک جي صورتحال ۽ ملڪ اندر منڊيءَ ۾ قيمتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ گڏجاڻيءَ ۾ وزارت جا سينيئر آفيسرز، صوبائي زراعت کاتا، پاسڪو ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرس شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ

اڄ جو وڏو معاملو

‘پنج جج ۽ سندن چوڌاري ڦرندر ڪھاڻي’، قانون واري وزارت اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

قانون ۽ انصاف واري وزارت اربع ڏينهن آئين جي آرٽيڪل 200 ھيٺ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن جي ٻين هاءِ ڪورٽن ڏانهن بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.  اھو حڪم جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ٽن ججن کي اسلام آباد ھاءِڪورٽ کان ٻين عدالتن ڏانهن بدلي ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ آيو. انھن بدلين تي

ڊولپنگ اسٽوري

انٽرپول بحريا ٽائون جي ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف ريڊ نوٽيس جاري ڪيا آهن: نيب چيئرمين جو انڪشاف

قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو ته انٽرپول بحريا ٽائون جي ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف ريڊ نوٽيس جاري ڪيا آهن. نيب چيئرمين اها ڳالھہ نيب جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس بريفنگ دوران آخر ۾ ٻڌائي. "اڄ مان توهان کي بريڪنگ نيوز ڏئي رهيو آهيان ته

اوپر تک سکرول کریں۔