
خوراڪ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين نيشنل ويٽ اوور سائيٽ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنھن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي مھم، پوک جي صورتحال ۽ ملڪ اندر منڊيءَ ۾ قيمتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔
گڏجاڻيءَ ۾ وزارت جا سينيئر آفيسرز، صوبائي زراعت کاتا، پاسڪو ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرس شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪڻڪ جي فصل جي صورتحال، خريداريءَ جي حدف ۽ سپلاءِ چين ڊائنامڪس بابت جائزو پيش ڪيو ويو۔
وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا اگھہ عالمي ٽرينڊز سان ڳنڊيل آھن جيڪي في مڻ 3,500 کان 4,000 رپين جي وچ ۾ آهن جنهن سان آبادگارن کي مناسب منافعو ملي رهيو آهي ۽ ماڻھن لاءِ به اگهه برداشت جوڳا آهن۔ هن زور ڏنو ته حڪومت آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ۽ خريداريءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي۔
رانا تنوير حسين ملڪ ۾ ھن وقت ڪڻڪ جي ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ وٽ گھرو کپت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ذخيرا موجود آهن جيڪو عمل خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو۔ هن صوبن ۾ ھلندڙ مند جي پيداوار جا حدف حاصل ڪرڻ بابت بہ اعتماد ظاهر ڪيو ۔
هن سڀني صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي ھڪ کان ٻئي صوبي چرپر کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکيو وڃي ۽ ڪنهن به انتظامي يا لاجسٽڪ رڪاوٽ کي برداشت نه ڪيو ويندو۔
ھن اختيارين کي هدايت ڪئي ته آبادگارن لاءِ وقتائتين ادائيگين کي يقيني بڻايو وڃي، مناسب خريداري مرڪزقائم ڪيا وڃن ۽ غير ضروري معاھدن ۾ گهٽتائي ذريعي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔ اجلاس ۾ ويٽ اسٽاڪس ۽ مارڪيٽ ٽرينڊز جي وڌيڪ مانيٽرنگ، ڊجيٽل ٽولز جي استعمال ۽ ڊيٽا ڊرِوَن ميڪينزمز کي هٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ويو۔ وزير اسٽوريج جي گنجائش وڌائڻ ۽ پوکي کانپوءِ نقصانن کي گهٽائڻ جي به هدايت ڪئي۔ — ٽي ايس ايل


