جيڪي ماڻھو سمجھن ٿا تہ آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي انھن کي پنهنجي دماغ جي ٻيھر چڪاس ڪرائڻ گهرجي

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ معاشي فرق ھن ڏهاڪي جي آخر تائين 11 کرب آمريڪي ڊالرن تائين وڌڻ جو امڪان آهي پر هڪ مشهور عالمي ماھر موجب دنيا ۾ خراب ٿيندڙ جيوپولٽيڪل صورتحال خاص طور تي ايران ۾ جنگ ۽ هرمز جو بحران چاھڻ يا نہ چاھڻ جي باوجود ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن لاءِ هڪ پائيدار قوت طور ڪم ڪري سگهي ٿي.

ڪشور محبوباڻي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اڳوڻو صدر ۽ ڪڏهن سنگاپور جو وڏي پائي جو سفارتڪارھوتنھن اڳڪٿي ڪئي آهي ته دنيا جي ٻن وڏين معيشتن جي وچ ۾ مجموعي گهرو پيداوار جو تفاوت اڃان وڌيڪ واضح ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو به اهو سمجهي ٿو ته آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي ان کي پنهنجي دماغ جي ٻيھر چڪاس ڪرائڻ گهرجي.

آمريڪا اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ طاقتور معيشت آھي ايتري قدر جو 2000 ۽ 2010 جي ڏهاڪي ۾ به جڏهن چين تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي تہ بہ سائيز ۾ فرق گهٽ نه ٿيو آهي. محبوباڻي تازو هانگ ڪانگ ۾ آمريڪي چيمبر آف ڪامرس پاران گھرايل چائنا ڪانفرنس ۾ ڳالهائي رھيو ھو جتي ھن پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو.

ھو چوي ٿو تہ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ خال اصل ۾ وڌيو آهي. 2020 ۾ آمريڪا جي جي ڊي پي 21 کرب آمريڪي ڊالر ۽ چين جي 15 کرب ڊالر هئي. مطلب 6 کرب آمريڪي ڊالرن جو فرق آھي. ھو وضاحت ڪري ٿو تہ 2030 ۾ آمريڪي جي ڊي پي 37.6 کرب ۽ چين جي 26 کرب آمريڪي ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي ۽ بنھي وچ ۾ فرق 6 کرب کان 11 کرب آمريڪي ڊالرن تائين وڌي ويندو.

پر ساڳئي وقت هن چيو ته جيڪي چون ٿا ته چين شايد هارائي رهيو آهي انهن کي به گھرجي تہ پنهنجي ذهنن تي زور ڏين.

چين جو اڀرڻ دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ۽ نرالي تبديلي آهي. ايتري مختصر وقت ۾ چين جو اڀري اچڻ ۽ ايڏو وڏو ٿي وڃڻ اچرج ۾ وجھڻ جھڙو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ مهيني چين جي هڪ اهم دوري تي اسھڻ وارو آھي ۽ ان حوالي سان محبوباڻي چوي ٿو تہ لاڳاپن کي منظم ڪرڻ لاءِ گھڻي عقل ۽ سھڪار جي ضرورت پوندي.

ايران خلاف آمريڪا-اسرائيلي جنگ جيڪا ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي آهي ۽ هرمز ۾ تعطل آھي جيڪو عالمي شپنگ کي روڪي رهيو آهي تنھن ڏانهن اشارو ڪندي ھو چوي ٿو ته اهڙن بحرانن جو ھاڪاري اثر ٿي سگهي ٿو. اهو ممڪن آهي ته انهن مان ڪجهه تڪرارن جو آمريڪا-چين لاڳاپن تي ھاڪاري اثر پوي جنھن لاءِ هن دليل طور تاريخي مثال ڏنو ته ڪيئن اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻن سپر پاورز کي ويجهو آندو. ٻه ڏهاڪا اڳ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ شيون تمام ڏکيون هيون. آمريڪا اتر ڪوريا کي منھن ڏيڻ جا طريقا ڳولي رهيو هو ۽ واشنگٽن اوچتو ڏٺو ته بيجنگ سان ڳالهائڻ سان مدد ملي سگھي ٿي. ايئن ان وقت اتر ڪوريا جي مسئلي آمريڪا ۽ چين کي ھڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملي.

"هينئر هرمز جي ناڪابندي چين، ايشيا ۽ آمريڪا کي نقصان پهچائي رهي آهي.

محبوباڻيءَ جو اندازو آھي ته واشنگٽن تي حل ڳولڻ لاءِ دٻاءُ آهي ۽ جيڪڏهن ڪو هڪ ملڪ آهي جيڪو سڀني ڌرين سان ڳالهائي سگهي ٿو ته اهو چين آهي.

تنهن ڪري جيڪڏهن توهان هڪ حل ڳولڻ چاهيو ٿا ۽ ڪو اهڙو  ملڪ جيڪو جنگ ۾ شامل سڀني سان ڳالهائي سگهي ٿو ته مان چوندس ته چين اهو ڪري سگهي ٿو.

 دنيا ۾ ماڻهو، منافعو ۽ سيارو  (پلينيٽ) ٽنھي جي اهميت کي سامھون رکندي محبوباڻي کي افسوس ٿئي ٿو ته ڪيئن ڪنھن ڪاروباري سھڪار کي سياسي طور تي قتل ڪيو پيو وڃي. ھن فورڊ جي چيني بيٽري ڪمپنين سان گڏيل رٿا شروع ڪرڻ ۾ ناڪام ڪوششن جو حوالو ڏنو.

هن وڌيڪ تجويز ڏني ته اڃا به ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ ٻئي گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا جهڙوڪ چين آمريڪا کي پنهنجي پراڻي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ ۾ ڪيئن مدد ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن جيو پوليٽيڪل تڪرار رستي ۾ نه اچن.

جڏهن توهان آمريڪا کي ڏسو ٿا تہ اتان جي انفراسٽرڪچر کي تمام وڏي سيڙپڪاري سان بھتر بڻائي سگهجي ٿو. محبوباڻيءَ چيوجڏهن توهان چيني هوائي اڏي کان آمريڪا جي هوائي اڏن تي لھندا آهيو ته توهان فرق ڏسي سگهو ٿا. چين وٽ دنيا جا بھترين هوائي اڏا آهن جيڪي آمريڪا وٽ ناهن. — ٽي ايس ايل

ڪشور محبوباڻي 24 آڪٽوبر 1948  تي سنگاپور ۾ هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ هندو خاندان ۾ پيدا ٿيو جيڪو هندستان جي ورهاڱي دوران سنڌ صوبي مان بي گهر ٿي ويو هو. ھو هڪ سنگاپوري سفارتڪار ۽ جيو پوليٽيڪس جو ماھر آھي جنھن 1984 ۽ 1989 جي وچ ۾ گڏيل قومن ۾ سنگاپور جي مستقل نمائندي طور ڪم ڪيو، ۽ ٻيهر 1998 ۽ 2004 تائين ساڳئي عھدي تي رھيو. ھو 2001 ۽ 2002 جي وچ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو صدر رهيو. –

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔