ڀارت جي جنريشن زي جي بغاوت: ڇا هندستان جي سياست ۾ هڪ نئون باب شروع ٿي ويو آهي؟

سوال اهو آهي ته آخر ڀارت جي جنريشن زي يعني 18 کان 27 سالن جي نوجوانن کي اهڙي ڪهڙي ڳالهه احتجاج تي مجبور ڪيو، جنهن نه رڳو لکين نوجوانن کي روڊن تي آندو، پر آخرڪار حڪومت کي پنهنجي تعليم واري وزير کان استعيفيٰ وٺڻي پئي؟

هن تحريڪ جي شروعات هڪ داخلا امتحان جي تڪرار کان ٿي. ڀارت ۾ ميڊيڪل تعليم لاءِ ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ بي ضابطگين ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ جا الزام سامهون آيا. لکين نوجوان جيڪي سالن جا سال پنهنجي خوابن جي تعبير لاءِ محنت ڪندا آهن، انهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن امتحاني نظام ئي شفاف نه هوندو ته پوءِ سندن محنت جي ڪهڙي حيثيت رهجي ويندي؟

شروعات ۾ نوجوانن جا مطالبا رڳو امتحانن جي شفافيت تائين محدود هئا. هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن امتحان ۾ بي ضابطگيون ثابت ٿين ٿيون ته ان کي رد ڪيو وڃي، ذميوارن کي سزا ڏني وڃي ۽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.

پر ڏسندي ئي ڏسندي هي احتجاج هڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو. نوجوانن محسوس ڪيو ته مسئلو رڳو هڪ امتحان جو نه آهي، پر هڪ اهڙي نظام جو آهي، جيڪو سندن تعليم، روزگار ۽ مستقبل بابت سنجيده نظر نٿو اچي.

اڄ ڀارت جي جنريشن زي کي جن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهن ۾ بيروزگاري، وڌندڙ معاشي غير يقيني واري صورتحال، تعليم جي وڌندڙ خرچن ۽ چٽاڀيٽيءَ وارو ماحول سرفهرست آهن. هڪ نوجوان جيڪڏهن پنج يا ڇهه سال رڳو هڪ امتحان جي تياريءَ ۾ گذاري ٿو ۽ پوءِ کيس خبر پوي ٿي ته نظام ئي شفاف نه هو ته سندس مايوسي سمجهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي.

انهيءَ ڪري هن تحريڪ جو بنيادي نعرو رڳو "پيپر ليڪ” نه هو، پر "احتساب” بڻجي ويو. نوجوانن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت جا ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون نٿا ڪن ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي سياسي احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي.

تعليم واري وزير جي استعيفيٰ به ان ئي سوچ جو نتيجو هئي. احتجاج ڪندڙ نوجوانن جو موقف هو ته جيڪڏهن لکين شاگردن جو مستقبل متاثر ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي سياسي ذميواري به طئي ٿيڻ گهرجي. آخرڪار 36 ڏينهن تائين جاري رهندڙ احتجاجن کان پوءِ تعليم واري وزير کي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

پر هتي هڪ وڌيڪ اهم سوال جنم وٺي ٿو، ڇا هي تحريڪ رڳو تعليم واري وزير جي استعيفيٰ تائين محدود هئي؟ منهنجي خيال ۾ ان جو جواب "نه” آهي.

هي تحريڪ ڀارت جي سياست لاءِ هڪ وڏي تبديليءَ جو اشارو پڻ آهي. ڇو ته ڀارت جي جنريشن زي شايد پهريون ڀيرو اهڙي پيماني تي ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي جهنڊي هيٺ نه، پر هڪ "اشوز بيسڊ پوليٽڪس” يعني مسئلن جي بنياد تي متحرڪ ٿي آهي.

هن نسل لاءِ سياسي نعرا ايتري اهميت نٿا رکن، جيتري روزگار، تعليم، معاشي تحفظ ۽ احتساب جون ڳالهيون اهم بڻجي رهيون آهن. هي نوجوان شايد اهو نه پڇن ته اوهان ڪهڙي پارٽيءَ سان تعلق رکو ٿا، پر هو ضرور پڇندا ته اوهان سندن مستقبل لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

انهيءَ صورتحال جو اثر يقيناً ڀارت جي وڏين سياسي جماعتن تي به پئجي سگهي ٿو. حڪمران جماعت بي جي پي لاءِ اهو هڪ اهم پيغام آهي ته نوجوان ووٽر هاڻي رڳو قومي يا نظرياتي سياست کان متاثر نٿا ٿين، پر هو پنهنجي روزمرهه جي مسئلن کي به ووٽ جي ذريعي اهميت ڏين ٿا.

ٻئي پاسي ڪانگريس ۽ علائقائي سياسي جماعتن لاءِ به هيءَ ڪا پڪي سياسي فتح ناهي. ڇو ته جنريشن زي ڪنهن به جماعت کي "بلينڪ چيڪ” ڏيڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. جيڪڏهن اڄ هو حڪومت خلاف احتجاج ڪن ٿا ته سڀاڻي هو اپوزيشن کان به ساڳين سوالن جا جواب گهرندا.

شايد هن تحريڪ جو سڀ کان اهم سبق اهو آهي ته نئين نسل جي سياسي سوچ تبديل ٿي رهي آهي. هي نسل روايتي سياسي وفادارين بدران ڪارڪردگي، احتساب ۽ شفافيت کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيو آهي.

اهو به ممڪن آهي ته 2029ع تائين ڀارت جي چونڊن ۾ جنريشن زي سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ووٽر بلاڪ بڻجي سامهون اچي. جيڪڏهن هي نسل پنهنجي ترجيحن تي قائم رهي ٿو ته پوءِ هر سياسي جماعت کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

آخر ۾ اهو چوڻ شايد غلط نه ٿيندو ته تعليم واري وزير جي استعيفيٰ هن تحريڪ جي پڄاڻي نه، پر شايد ان جي شروعات آهي. ڇو ته جڏهن نوجوان پنهنجي حقن، پنهنجي تعليم، پنهنجي روزگار ۽ پنهنجي مستقبل بابت سوال پڇڻ شروع ڪن ٿا ته پوءِ رڳو حڪومتون نه، پر سياسي نظام به تبديل ٿيڻ لڳندا آهن.

سوال رڳو ڀارت جو ناهي، پر سڄي ڏکڻ ايشيا جي سياسي قيادت لاءِ به آهي ته ڇا هو ايندڙ نسل جي اميدن ۽ خدشن کي سمجهڻ لاءِ تيار آهن يا نه؟

ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن نوجوان نسل خاموش رهڻ ڇڏي ڏئي ٿي ته پوءِ تبديلي رڳو هڪ وزارت جي نه، پر سوچن ۽ نظامن جي به ٿيندي آهي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔