بلوچستان ۾ فوج، ايف سي ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، ھيل تائين 75 دھشتگرد مارجي ويا، خضدار ۾ ٿاڻي تي حملو ناڪام بڻايو ويو

سيڪيورٽي عملدارن موجب پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ بلوچستان پوليس 5 جولاءِ کان شابان واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪري رهيا آهن. هي آپريشن انهن دهشتگردن خلاف شروع ڪيو ويو، جيڪي منگي ڊيم پمپنگ اسٽيشن تي پوليس چوڪيءَ تي حملي ۽ 27 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا.

دهشتگردن حملي دوران ٻن اسٽيشن هائوس آفيسرن (ايس ايڇ اوز) سميت 9 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو ۽ 18 پوليس اهلڪار هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيا ويا، بعد ۾ اغوا ڪيل اهلڪارن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جن جا لاش زرغون غر جي جبلن مان هٿ آيا.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته "آپريشن شابان” دوران 39 دهشتگرد ماريا ويا آهن، جڏهن ته 5 جولاءِ کان جاري ڪارروائين ۾ ماريل دهشتگردن جو مجموعي انگ 75 ٿي ويو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب 6 ۽ 7 جولاءِ تي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 26 دهشتگرد ماريا ويا هئا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران شابان جي جابلو علائقي ۾ شديد مقابلي دوران وڌيڪ 13 دهشتگرد ماريا ويا.

ٻئي طرف وڏي وزير سرفراز بگٽي انڪشاف ڪيو ته جمعي جي صبح خضدار ضلعي جي زيدي علائقي ۾ دهشتگردن پوليس ٿاڻي تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.

سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور جي اهلڪارن فوري ڪارروائي ڪندي گهٽ ۾ گهٽ اٺ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ هيليڪاپٽر ذريعي ڪيل آپريشن دوران وڌيڪ ڇهه دهشتگرد پڻ ماريا ويا.

عملدارن موجب دهشتگردن جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن جاري رهندا ۽ صوبي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔