
اسپين جي ڏاکڻي صوبي اندلسيا ۾ ٻيلن لڳل خوفناڪ باهه ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان خطرناڪ باهن مان هڪ بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. علائقي ۾ 23 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. امدادي ڪارروايون ۽ باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن پر تيز گرمي ،خشڪ هوائن ۽ خشڪ موسم سبب باهه کي قابو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
پرڏيهي خابرو ادارن موجب باهه اندلسيا جي الميريا صوبي ۾ لاس گاياردوس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيزي سان پکڙجي وئي، جتي ڪيترن ئي رهواسين پنهنجي جان بچائڻ لاءِ گهر ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترائي ماڻهو سرڪاري هدايتن تي عمل ڪرڻ بدران متبادل رستن تان نڪرڻ لڳا، پر اهي رستا ئي سندن لاءِ موت جا ڦندا ثابت ٿيا.
اختيارين موجب ڪيترائي متاثر پنهنجي گاڏين ۾ ئي باهه جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گاڏيون ڇڏي پنڌ ڀڄڻ جي ڪوشش دوران فوت ٿي ويا. هڪ گروهه سڪل نديءَ جي پيٽ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تيزي سان پکڙجندڙ باهه ۽ دونهين سبب اهو رستو به کين موت ڏانھن وٺي ويو.
رپورٽن موجب فوت ٿيلن ۾ چار برطانوي شهري پڻ شامل هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪي هڪ سڙيل گاڏي مان مليا آهن. مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڪثر متاثر پرڏيهي رهواسي يا سياح هئا، جيڪي خطري کان بچڻ لاءِ جلدبازي ۾ علائقو ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
اندلسيا جي ايمرجنسي سروسز جي سربراهه انتونيو سانز چيو ته ڪجهه رهواسين کي گهرن اندر رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، پر ڪيترن ماڻهن خوف وچان اهي هدايتون نظرانداز ڪيون، جنهن سبب جاني نقصان وڌيو.
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ چيو ته حڪومت متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪندي. ساڳئي وقت سوين فائر فائٽر، هيليڪاپٽر ۽ هوائي جهاز باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته يورپ ۾ وڌندڙ گرمي جي لهرن، خشڪ موسم ۽ موسمياتي تبديلي سبب اهڙين وڏين جھنگ جي باهين جو خطرو مسلسل وڌي رهيو آهي. اسپين اڳ به تباهه ڪندڙ باهين کي منهن ڏئي چڪو آهي، پر ھي سانحو تازين سالن جي سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان واري واقعن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


