
پنوعاقل جي مهر ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيروٿي ويو آھي. ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي 2 ڪروڙ 2 لک 75 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ٿيو. مهر ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو خانڳڙهه جي گوهر پيلس ۾ پ پ ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو. فيصلي ۾ غوث بخش مهر، ڪاظم عباسي، نجف علي ڪماريو مشير طور شرڪت ڪئي، نبيري ۾ ڪلهوڙا توڙي مهر ڌر جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.
يادرھي تہ 2 سال اڳ ڪلهوڙا ڌر جي نوجوان ۽ مهر ڌر جي ناري پسند جي شاديءَ لاءِ گهران نڪري ويا هئا جنهن تان تڪرار شروع ٿيو. پلاند ۾ مهرن ڪلهوڙن جي گهرن تي ڪاھ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ۽ 2 عورتن کي اغوا ڪيو هو. اهڙي نموني ڪلهوڙن پلاند ۾ 2 مهر ڌر جا ماڻهو ماريا.
نبيري واري عمل ۾ پهرين مهر ڌر جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ان کان پوءِ ڪلهوڙا ڌر جي ماڻهن جا بيان ٻڌا ويا. بيان ٻڌڻ بعد فتويٰ تيار ڪئي وئي جيڪا مانجهاندي کانپوءِ ڌرين کي پڙهي ٻڌائي وئي. فتويٰ موجب ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 2 لک 75 هزار ڏنڊ وڌو ويو. استاد تاج محمد مهر پاران پڙهي ٻڌايل فتويٰ موجب ڪلهوڙا برادري مٿان مهر برادري جي ڇوڪري اغوا جو 25 لک، مقتول نويد ولد شڪور احمد مھر جو 25 لک ۽ مقتول شهزادو ولد ملوڪ مهر جو 25 لک جڏهن ته زخمي پيراڻو مهر جو 75 هزار ،زخمي غلام محمد مهر جو 50 هزار ۽ زخمي عبدالغني مهر جو 50 ۽ فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو 10 لک ، مجموعي طور ڪلهوڙا ڌر مٿان 86 لک 75 هزار ڏنڊ وڌو ويو، مهر ڌر مٿان ڪلهوڙن جي مقتول عبدالغفار ولد قادن ڪلهوڙو جو 25 لک، مقتول غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو جو 25 لک، جڏهن زخمي عبدالرسول ڪلهوڙو جو 50 هزار، زخمي شڪيل ڪلهوڙو جو 50 هزار، محمد ملوڪ جي ڌيءَ جي پير خراب ٿيڻ جو 5 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته ٻن عورتن کي اغوا ڪرڻ جو 30، 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، مجموعي طور مهر ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 16 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
فتويٰ موجب هر هڪ ڌر ڪيس ختم ڪرائڻ جون پابند هونديون، جاويد ڪلهوڙو جي نياڻي اغوا ٿي جنهن لاءِ ڪلهوڙا برادري جو چوڻ آهي ته اها نياڻي وڏي آهي پر مهر جو چوڻ آهي ته اها ڇوڪري ٿڃ پياڪ معصوم آهي، ان بابت جاچ ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو، فتويٰ موجب ٻنهي ڌرين جو نقصان ختم ڪيو ويو آهي، قرآن پاڪ جي ساک تي جيڪي ڌريون هڪ ٻئي جو سامان کڻي ويون آهن اهي واپس ڪن، اڳرائي ڪندڙ ڌر کي ڪرمنل ٽريٽ ڪيو ويندو،واضح رهي ته تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.



