
پاور ڊويزن نيپرا کي پروزيومر ريگيوليشنز 2026 جي ڪجهه پاسن جو فوري طور تي جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا کي اڳ ۾ به هن فيصلي جي خراب اثرن بابت آگاهه ڪيو ويو هو ۽ پاور ڊويزن ان کي پراڻن ضابطن سان مطابقت ۾ آڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. تبديليون ننڍن صارفين ۾ رينيوابل توانائي جي رفتار کي سست ڪري سگهن ٿيون.
پاور ڊويزن پنھنجي اعلان ۾ چيو آھي تہ 2015 جي ضابطن ھيٺ 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ جي گنجائش لاءِ نيپرا کان لائسنس جي ضرورت نه هئي. هن ڪيٽيگري لاءِ درخواستون ڊسٽري بيوشن ڪمپنين پاران بغير ڪنهن فيس جي پروسيس ڪيون ويون. پاور ڊويزن جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا کي پروزيومر ريگيوليشنز تحت ننڍي پيماني جي پلانٽس جي منظوري جو اختيار ڏنو ويو آهي. نون ضابطن جي تحت ننڍن پلانٽس تي درخواست جي فيس پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ (پي پي آءِ بي) پڻ هن تبديلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پي پي آءِ بي مطالبو ڪيو هو ته 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ جي سسٽم لاءِ پراڻي منظوري واري نظام کي برقرار رکيو وڃي ۽ موجوده طريقيڪار قومي سطح تي رينيوابل توانائي کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.


