ڪبوترين جي زندگي :عجيب کيل

”اسان کي ته هتي ڪير پاڻي ڀرڻ به نٿو ڏئي. اسان ڏهه گهر گهمون ٿيون تڏهن وڃي دڙڪا ٻڌي ڪنهن هڪ گهر مان پاڻي جي بالٽي يا وري گهڙو ملي ٿو. اسان جي حياتي وڌيڪ مشڪل آهي ڀائو! تو کي ڇا ڇا ٻڌايان، تون ته ڪاغذ تي لکي لکي ٿڪي پوندين پوءِ به اسان جو ڏک پورو ڪو نه ٿيندو.“

            عجيبان ڪبوتري پنهنجي ڀريل خوبصورت چهري تي بيزاري جا تاثرات ڏئي، منهنجي ٽيپ ريڪارڊ سان منهن موڙي ڳالهائي رهي هئي. ان جا گهر ڀاتي سهرو،  سس ۽ ٻيا هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي رهيا هئا.

            ڪبوتريون يا ڪبوترا ڪير آهن؟ ڪٿان آيا؟ ۽ انهن مٿان  هي نالا ڪيئن رکيا ويا؟  ان جي تحقيق اسان مستند محققن تي  ڇڏي، انهن جي موجوده لائيف اسٽائيل، حالتن ۽ واقعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ ميرپور خاص ۾ واقع انهن جي ٽن جهوپڙين وارن ويڙهن جو ڦيرو لڳايو. انهن ڦيرن لڳائڻ کان پهرين اسان هڪ اهڙي دوست جي معرفت انهن عورتن سان رابطو ڪيو جيڪي انهن تي خاص مهربان آهن. انهن وٽ هر خميس ڏينهن ڪبوتريون جُهنڊ جي صورت ۾ با جماعت حاضري ڏئي مالي مراد حاصل ڪنديون آهن. اتفاق  سان اهو به خميس جو ئي ڏينهن هو جڏهن اسان ميرپور خاص جي اقبال پمپ تي واقع ان صاحب جي شاندار دفتر ۾ موجود هئاسين. جڏهن ٽي چار خانه بدوش عورتون آفيس جي رنگين فرنٽ گلاس سان چهرا چنبڙائي اندر جو جائزو وٺڻ لڳيون تڏهن اسان جي دوست پڇيو:

            ”سومرو صاحب هنن کي سڃاڻون ٿا هي ڪير آهن؟“ مون شيشي ڏي نهاري چنبڙيل چهرن وارين کي ڏٺو  ته مون کي ڪابه ڄاتل سڃايل شڪل نظر نه آئي. نظر به ڪيئن اچي ها، هن شهر ۾ ڪابه مائٽي مٽي ڪونه هئي. منهنجي چهري تان منفي تاثرات پڙهندي هن رازدارڻي انداز ۾ ٻڌايو:

            ”هي ڪبوتريون آهن“

            ”اڇا ٿورو دروازو کولرايو ته انهن جي غُٽر غون به ٻڌون“

            ” يار قوم جي لحاظ کان ڪبوتريون آهن، هتي اهي کوڙ هونديون آهن. هنن وٽ رواج آهي ته جڏهن ڇوڪري جوان ٿي ويندي آهي ته ان کي ڪنهن شاهوڪار مسلمان کي 10 کان 20 سالن لاءِ پٽي تي ڏئي ڇڏيندا آهن.“ پٽي تي ڏيڻ واري اصطلاح خوب آهي. پر ايڪهين صدي ۾ انساني غلامي جي هي شڪل اڃا تائين منهنجي آڏو نه آئي هئي.

            مون پنهنجي دوست کي چيو ته انهن ڪبوترين سان منهنجي گفتگو ڪرائي. هي ڪم وري هن پنهنجي هڪ ٻئي ساٿي امداد جي حوالي ڪيو جيڪو ”ماهر ڪبوتريات“ جي عهدي تي فائز ڪرڻ جي لائق هو.

            ايتري دير ۾ شيشي تي بيٺل ڪبوتريون اسان جي انداز کي ڀاسي ويون ۽ جيئن ئي دروازو کليو ته انهن جي ڳالهائڻ ۾ حُجت ۽ بي تڪلف طريقو محسوس ٿيو.

            “سيٺ ڏي نه پنج رپيا، رڳو ٿو ڳالهيون ڪرين، ڏي ته وڃان اڳتي“

            اسان جو دوست جيڪو ڪبوترين جي مزاج مان چڱي ريت واقف هو. هن پنجن بدران ڏهه ڏهه جا ڪڙڪ نوٽ ڪڍي پنهنجي ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ هيٺيان رکي ڇڏيا.

            ”ڇا ٻڌايون اسان؟ خبر آهي توهان کي، توهان ئي ٻڌائي ڇڏيو.“

            اسان آڏو ٽنهي عورتن وڏي آواز ۾ پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ شروع ڪري ڏني.

”ها پڇ مون کان؟“

”ڪبوتري ڇا هوندي؟“

            هن سوال جو جواب هنن انتهائي دلچسپ انداز سان ڏنو جيڪو زباني اظهار بدران عملي جامو پهرائڻ وارو هوندو آهي. خاتون ڪيٽ واڪ جي دوران لباس جي خصوصيات ٻڌائڻ لاءِ ماڊل کي به مات ڏئي ڇڏي ۽ ٽهلڻ بعد چوڻ لڳي:

            ”هي هوندي آهي ڪبوتري، ٺيڪ آهي.“

”نه اهو ٺيڪ ناهي، تون زباني طور تي ٻڌائي ته اها ڪهڙي قوم هوندي آهي ۽ ڪهڙي ريت توهان پنهنجون ڇوڪريون مسلمانن کي ڏيو ٿا؟“

”تون اسان جي گهر اچ ۽ اتي ليمي سان وات ڪر، اهو سڀ ٻڌائي ڇڏيندو. اسان کي اهو سڀ ناهي معلوم ته ڪبوتري جي قوم ڪهڙي  هوندي آهي. بس امان ابو ٻڌائين ٿا ته اسان جي قوم ڪبوترن جي آهي.“

            اهڙي ريت عجيبان ڪبوتري ۽ ان سان گڏ آيل عورتن سان طئي ٿيو ته آئون ۽ امداد سراج شام 4 وڳي انهن جي جهوپڙين جو چڪر لڳائينداسين. وقت جي پابندي انهي ڪري ضروري قرار ڏني وئي هئي ته صبح جو ساجهر ڪبوتريون پنهنجون کڏڙيون ڇڏي شهر مان گهرڻ جي ڪم تي روانيون ٿين ٿيون، جڏهن ته انهن جا مرد يعني ڪبوترا سندن غير موجودگي ۾ گهر جو ڪم ڪار، ٻارن جي سار سنڀال ۽ شام جو کاڌو وغيره تيار ڪندا آهن. ڪجهه اکڙ قسم جا مرد هي سڀ ڪرڻ بدران انتهائي ننڍين ڇتين وارين جهوپڙين ۾ ليٽيا پيا هوندا آهن ۽ ٻارن سان نوان رشتا گارين جي صورت ۾ جوڙيندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن ننڊ ۾ خلل جو ڪارڻ ٻارن جون رڙيون هونديون آهن.

            شام جو 4 وڳي جڏهن ڪبوترين جي پهرين ويڙهي ۾ پهتاسين ته اتي ڪتن ۽ ٻارن گوڙ مچائي اسان جو استقبال ڪيو. جڏهن انهن کي ٻڌايوسين ته ليمي سان ملڻ آيا آهيون ته ڪنڊي دار لوڙهي جي ٻئي پاسي کان آواز آيو:

”ڪير آهي ڀائو، اسان جو پڇڻ وارو“

امداد اڃا معذرت وارو چهرو ٺاهي پنهنجو تعارف ڏيڻ  وارو هو ته مون کيس روڪي چپ ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته اهو منهنجو ڪيس آهي.

            ”ها اڙي ليمان ٻاهر اچي ڳالهه ڪر“ مون پنهنجي ٻاهر واري حساب کي گونجدار بڻايو.

            ”چڱو سائين اجهو ٿو حاضر ٿيان“

ليمون جسم تي پاتل واحد شلوار کي گوڏن تائين ڇڪيو ٻاهر اچي نڪتو.

            ”جي بابا سائين، حڪم ڪريو، اندر هلو“

            اسان سندس آڇ کي فوري قبول ڪري ان سان اندر هليا وياسين. ڪنهن به جهوپڙي جي اونچائي ايتري ڪونه هئي ته ڪو شخص کٽ تي ويهي سگهي. ان مان اندازو ٿيو ته جهوپڙيون ۽ کٽون فقط سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.

            هن پلاٽ تي، جيڪو هڪ شادي لان جي لڳ ڀڳ واقع آهي 9 گهر ٺهيل آهن باقي ٻه ويڙها به ان ئي جهڙا ٻين پلاٽن تي موجود آهن. ويڙها گڏيل آڳر استعمال ڪندا آهن جڏهن ته سڄي ويڙهي کي لوڙهي سان گهيرو لڳائي محفوظ ڪيو ويو آهي. مون کي انهي حفاظتي لوڙهي جو ڪو به سبب معلوم نه ٿيو سگهيو، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پرده دار عورتن جي عزت ۽ عصمت ۽ سندن تحفظ جي تصور جي ڪا خاص اهميت ناهي هوندي. ڪبوترا پاڻ پڌري پٽ ٻڌائين ٿا ته سندن فلاڻي ڇوڪري سنڌ جي فلاڻي وڏيري وٽ هيتري عرصي لاءِ 4 هزار رپيا ماهوار لاءِ ويل آهي ۽ 60 هزار بيانو وٺي پورو ڪري چڪا آهيون. وغيره وغيره.

            اسان ڳالهه ٻولهه جي ابتداءِ عجيبان جي گهر کان ڪئي، عجيبان وڏي ڀرپور سراپي واري عورت آهي جيڪا زبان کان گهٽ ۽ وڏين اکين سان وڌيڪ ڳالهائيندي آهي. هن صبح وقت جيئن ڳالهايو هو ان مان پتو پيو هو ته پنهنجي گهر مٺي بڻجي معاملا تفصيل سان طئي ڪندي هوندي. پر هتي پهچڻ بعد هو بلڪل گهريلو  عورت جيان نظر آئي جيڪي پنهنجي جهوپڙين جي آڳر ۾ ڪاٺ جي اُکري ۾ ڪجهه ڪُٽي رهي هئي. هن اسان کي ڏٺو ته ڪوشش ڪيائين ته سندس انداز مان ظاهر نه ٿئي ته اسان سان اڳي به ملي چڪي آهي، سندس ويجهي سانوري رنگ جو  منجهيل وارن وارو شخص ويٺل هو جيڪو ڄمار ۾ عجيبان کان ڪافي ننڍو هو. هيءُ سندس مڙس هو  جنهن سان صرف 2 مهينا اڳي عجيبان جي شادي ٿي هئس. ان کان اڳي عجيبان سنڌ جي هڪ وڏيري وٽ 20 ورهين تائين رهي آئي هئي. هي سندس ئي بيان هو، جڏهن ته عمر ۾ هو 30 کان وڌيڪ نٿي لڳي جڏهن مون عمر جو حساب پڇيو ته ان مون کي درست قرار ڏنو ۽ 31 ٻڌايائين.

            ”پوءِ تون 20 ورهيه ان ماڻهو وٽ ڪيئن رهئين؟، ڇا 11 ورهين جي ڄمار ۾ تنهنجي ماءُ پي تو کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو هو؟“

”الائي، هوندو.“

”هو وڏيرو تو کي ڪيئن رکندو هو؟ خرچ پکو ڏيندو هو؟ تنهنجي ماءُ پي کي به پئسا موڪليندو هو.؟“

            ”هن جنهن وقت ڳالهه ڪئي هئي تڏهن مون کي ڪابه خبر ناهي ته ڇا ٿيو پوءِ امان چيو ته تون سائين سان گڏ وڃي رهو.، سندس ئي گهر ۾، هي تو کي سٺو کاڌو پيتو ڏيندو. مون چيو هو  ته رات جو آئون تو وٽ واپس اچي سمهنديس ته امان مون کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ چيو ته سائين جو گهر ئي تنهنجو گهر آهي. هتي تون سال ۾ ٻه ڀيرا ايندين. هولي تي ۽ ڏياري تي. جيڪڏهن ڀڄي گهر ايندئين ته توکي گهر مان ڪڍي ڇڏينداسين. پوءِ آئون اُتي ئي هلي ويس.“

            ”پوءِ؟“ مون سوال کي معنويت جي لحاظ سان ڊگهو ڪو نه ڪيو.

            ”پوءِ اتي هيس ته ان گهر ۾ مون کي اڪيلو رکيو ويو هو. وڏيري جو پنهنجو گهر ٻئي شهر ۾ هو. هو ست ڏينهن پنهنجي نڪاح ٻڌل زال سان رهندو هو فقط آچر ڏينهن رات جو هتي ايندو هو. هڪ نوڪرياڻي ۽ ٻه نوڪر مون واري گهر ۾ هوندا هئا. مرد نوڪر ٻاهر جو ڪم ڪندا هئا ۽ رات جو چوڪيداري ڪندا هئا ته عجيبان  ڀڄي نه وڃي. مائي مون کي سڄو  سڄو ڏينهن سمجهائيندي هئي ته سائين سان ڪهڙي طرح ڳالهائي، ڪجهه پڇي ته ڪهڙي طرح جواب ڏيان. هنڌ ڪهڙي طرح وڇايان. ڪپڙا ڪهڙي نموني جا پايان، وهنجان ته پهرين شيمپو ڪري ويهي رهان. ڏندن کي مساڳ لڳايان. هٿن پيرن کي ميندي هڻان، ميندي ۾ چانهه جي پتي وجهان ته جيئن رنگ پڪو بيهي، ان طرح جون  ڳالهيون مائي سيکاريندي هئي. رات روزانو هو منهنجي ڪمري ۾ زمين  تي سمهندي هئي، بس هفتي ۾ هڪ ڀيرو هو ٻاهر وڃي سمهندي هئي، جڏهن سائين ايندو هو،“

            ”ميڏا سائين“ جو نقشو ڇڪيندي عجيبان ٻڌائي ٿي ته:

            ”هو ڇنڇر جي شام 5 وڳي پنهنجي جيپ تي ايندو هو، جنهن ۾ فروٽ، بوتلون، برف سان ڀريل ڪولر، مٺائي، دال جون ٿيلهيون ۽ خبر ناهي ته ڇا ڇا هوندو هو.“

            ”تنهنجي هٿن جو رڌل کاڌو گڏ ويهي کائيندو هوندو؟“

            “نه ڀائو، کاڌو هميشه الڳ ويهي اڪيلو کائيندو هو. مون کي چئي ڇڏيندو هو ته مون کان اڳي تون کاڌو کائي ڇڏيندي ڪر. ويهن ورهين ۾ ڪڏهن هڪ ڀيرو به کاڌو گڏ نه کارايائين.“

            ”اهو ڇو ڀلا؟“

            ”هو نمازي ماڻهو هو، چوندو هو ته هندو عورتن سان کائڻ جائز ناهي. انهي ڪري آئون روئيندي به هيس پر هو پوءِ به ماني الڳ کائيندو هو.“

            ”تنهنجي ماءُ پيءُ کي جيڪي هن پئسا ڏنا، انهن جي تو کي معلومات ٿي يا نه؟“

”ها امان ٻڌايو ته تنهنجي ابا 60 هزار رپيا ورتا ۽ 20 سال تون سائين جي گهر ۾ رهندين ته هر پهرين تاريخ تي هڪ هزار ڏيندو. ان کانپوءِ 5 سالن بعد ٻه هزار رپيا ملندا.“

”تو کي ڪيترا ملندا هئا؟“

            ”مهيني ۾ سو رپيا اڳي اڳي پوءِ وري سو ويهه رپيا. هاڻي جڏهن گذريل سال هو ته هر پهرين تي هڪ هزار رپيا ڏيندو هو. چوندو هو ته چوندئين ته اڃا به وڌيڪ ڏيندس.“

”پنهنجن مائٽن ۾ وڃڻ لاءِ موڪل ملندي هيئي؟“

”ها، هولي تي يا ڏياري تي ٻن ڏينهن لاءِ ايندي هيس. پوءِ روزن واري ۽ قرباني واري  عيد تي به سائين هڪ ڏينهن ڇڏيندو هو. جيپ ۾ چڙهي امان وارن جي گهر لهندي هيس ته سڄي ويڙهي ۾ رعب پئجي ويندو هو. واپس وڃڻ لاءِ به ڊرائيور سان جيپ ۾ ويندي هيس.“

            ”ويهن ورهين ۾ ڪڏهن هن چڙ ڏيکاري يا تو کي مار ڪڍيائين؟“ 

            ”ڪيترائي ڀيرا، جڏهن نشي ۾ بلڪل وڦلي پوندو هو ته گنديون گاريون ڏيندو هو. سونٽي سان ماريندو هو. رات جو دير سان پرچائيندو هو ته پرچي ويندي هيس.“

”تو ڪڏهن وڌيڪ ڏينهن ناراضگي ڪونه ڏيکاري يا  رُسي نه وئين؟“

            ”ڪهڙي آسري تي واپس اچان ها؟ امان وارن کي پئسا ملندا هئا.ابا نوان ڪپڙا پائي شهر ۾ مٺ تي سگريٽ پئيندو هو ۽ جُوئا کيڏندو هو. منهنجو ڪو آسرو ڪونه هو. ڀائر تمام ننڍا هئا، انهي ڪري مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ.“

            عجيبان سان گفتگو دوران ٻيون به ڪافي حقيقتون پڌريون ٿيون پر سندس بيان ڪرڻ ۾ ڪجهه سخت مقام آيا پئي انهن ڪري مٺي به ماٺ……

            شادي کانپوءِ هڪ ڪبوتري مڙس سان مڪمل وفادري سان رهندي آهي ۽ ڪنهن به ٻئي شخص سان تعلق رکڻ جو قطعي تعلق ٽوڙي ڇڏيندي آهي. ان حوالي سان هڪ خانه بدوش عورت جو واقعو ٻڌايو ويندو آهي ته ”توسان تعلق کانپوءِ نظر کڻي ڪنهن مرد کي اڄ تائين ڏٺو آهي نه ڏسبو  ته ڪيئن ٻڌايان ته تو سان ملڻ لاءِ آيل دوست ڪهڙي طرح هو.“

            ”سائين“ وٽ رهڻ واري عرصي ۾ ڪبوتري اولاد پيدا ناهي ڪندي. جنهن لاءِ انهي جي ماءُ ان کي خانه بدوش عورتن جا قديم نسخا ۽ طريقا  سيکاريندي آهي. جيڪڏهن پوءِ به هو اميد سان ٿي وڃي ته ان جي نااهلي ۽ قبيلي سان ”غداري“ تصور ڪئي ويندي آهي. اهڙي موقعي تي مذڪوره ڪبوتري جي ماءُ ٻين تجريبڪار ڪبوترين وٽ پهچي حمل کي ضايع ڪرڻ جا ٽوٽڪا آزمائيندي آهي. جيڪڏهن  ڪبوتري جو سائين اولاد حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي تڏهن به ان کي انڪار ڪري ڇڏبو آهي. ان صورت ۾ ڪيترائي ڀيرا مقرر مدت کان اڳواٽ ڪبوتري کي والدين جي حوالي ڪري ڇڏڻ جا مثال به موجود آهن. هڪ واقعي ۾ ٻڌايو  ويو آهي ته هڪ ڪبوتري پنهنجي مسلمان مڙس کان فرمائش ڪئي ته هو سندس ٻار جي ماءُ بڻجڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪميونٽي جا رواج موجب هي اها خواهش پوري نٿي ڪري سگهي. انهي ڪري سندس سائين ان جي اميد سان هجڻ تي ڪبوتري کي پنهنجي هڪ دوست جي گهر ۾ لڪائي آيو. جڏهن ڇوڪري جي ماءُ هن کي هولي لاءِ وٺڻ آئي ۽ ان کي ڌيءَ نظر نه آئي ته ان آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو. آخرڪار سندس ڇوڪري جي سائين ٻڌايس ته ٻار ٿيڻ وارو هيس انهي ڪري کيس ڪٿي ڇڏي آيو آهيس. ان معاملي تي سڄي ڪميونٽي برادري جي پنچائت عمر ڪوٽ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ٿي جنهن ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته وڏيري کان ڪبوتري واپس وٺي ان کي رقم موٽائي ڏبي ۽ ڇوڪري جو ويم ضايع ڪيو ويندو. ان فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڏاڍو زور لڳايو ويو پر انهن کي ڇوڪري واپس ڪونه ملي. ان کانپوءِ هنن ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ ان ڪبوتري کي اغوا ڪري ڇڏيو. واپس ويڙهي ۾ آڻي ان جو حمل ضايع ڪيو ويو ۽ بعد ۾ واپس انهي وڏيري وٽ ڇڏي ويا.

            پهلوان ڪبوتري اسان کي وڏي چاهه سان دعوت ڏني ته اسان سندس پڌر ۾ وڃون ته جيئن مسئلا بيان ڪري سگهي. ان جي جُهڳي ۾ گنجائش بلڪل ڪونه هئي ان ڪري جُهڳي ٻاهران پيل ٻن وڏين سرن تي ۽ ٿلن تي ويهي رهياسين.

            ”ها ڀائو پهلوان ڪبوترا تون مونکي هنن مان ڪجهه سمجهو ماڻهو لڳين ٿو. انهي ڪري پهرين ته اهو ٻڌائي تون ڪهڙو ڪبوترو آهين ۽ ڪٿي ڪٿي هوندو آهين؟“

            هن پنهنجي تعريفن جا ٿها ٺاهڻ لاءِ تحقيقي بيان جاري ڪيا:

            ”سائين اسان ڪبوترا جيڪي آهيون، نٽ راڄ سان تعلق رکون ٿا، يعني اها قوم جيڪا مداري هوندي آهي. ڪرتب ڏيکاريندا آهيون ۽ جسم جي حرڪت سان ماڻهن کي خوش ڪندا آهيون. بانس کڙو ڪري ان مٿان پاڻي جو گهڙو رکي ناچ ڪندا آهيون اسان بازيگر ماڻهو آهيون.“

            ”توهان جو مسئلو ڇا آهي؟“

”مسئلو هي آهي ته اسان پڪو گهر نٿا ٺاهي سگهون“

”اهو ڇو؟“

”بس اها وڏن جي طرفان اسان کي جهل آهي. اسان اهڙن پکن ۾ رهندا آهيون. پوءِ ان کي کولي ڪنهن ٻئي شهر ۾  نڪري ويندا آهيون. جتي رزق هوندو آهي. اُتي پاڻ ئي پهچي ويندا آهيون. اسان جا وڏڙا هتي ملي ويٺا ۽ فيصلو ڪيائون ته هاڻي وڌيڪ اسان کي ذليل ناهي ٿيڻو ڪافي عزت خراب ڪري ڇڏي آهي. انهي ڪري نالو به بدلايو ۽ ڪم به بدلايو ته پوءِ انڊيا وارا نٽ راڄ مان بدلائي ڪبوترا ٿياسين ۽ عورتون ڪبوتريون سڏائجن ٿيون.“

            هڪ ٻئي ڪبوتري سومر پنهنجي ڪميونٽي ۾ شادي جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪبوترن جون مختلف ذاتيون هونديون آهن ۽ ڇوڪرن ڇوڪرين جون شاديون هڪ ئي ذات ۾ ناهن ڪرائيندا. جيئن راٺوڙ  ذات وارا ڪبوترا ڪڏهن به راٺوڙ ڪبوترين سان شادي نه ڪندا. هي رواج  صدين کان هلندو اچي پيو.

”سومر تنهنجا ڪيترا ٻار ٻچا آهن؟“

”آئون پنهنجو ٻار ٻچو پاڻ آهيان“

هن جي اهڙي جملي تي ميڙاڪو ٻڌل ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

”مون شادي ناهي ڪئي، انهي ڪري ٻار ٻچو پاڻ ئي آهيان. هڪ ماءُ آهي ان جي خدمت چاڪري ڪندو آهيان، جنت ڪمائيندو آهيان.“

” گذاري لاءِ ڇا ٿو ڪرين؟“

”مزدوري گهرندو آهيان اها نه ملندي آهي ته پنندو آهيان. هي پيٽ نٿو  ڏسي ته مزدوري ملي ٿي يا نه، آهي نه صحيح ڳالهه؟“

”ها بلڪل صحيح ڳالهه آهي. پنهنجن ٻارن ٻچن کي پڙهائيندا آهيو يا ائين ئي رهو ٿا؟“

”جنهن جا ٻار ٻچا هجن اهو انهن کان پڇو ڀائو منهنجي نه رن آهي نه رلي.“

هن هڪ ڀيرو وري ميڙ ۾ ٽهڪڙو مچائي وڌو.

            شادي شده ڪبوتري پنهنجي ذات ۾ اولاد جي ڪثرت رکندڙ هوندي آهي. صبح جو ساجهر نڪري ٿي ته شهر ڀر جي شوقيننن جي ذو منعيٰ بلڪه سِه معنيٰ جملن ۽ حملن  کي شڪار ڪري ڦڙو ڦڙو تلاءُ، رپيو رپيو ذخيرو ڪري شام چئين وڳي واپس گهر جي راهه وٺي ٿي. ايترو جلد ”ڌنڌي“ تان واپسي جي به سببن جو به فن هن کي اچي ٿو جيڪو اسان کي به لڄايو ڇڏي. اسان کي شرمان ڪبوتري ٻڌائي ٿي ته:

            ”اسان جي پکن ۾ بجلي ته آهي ئي ڪونه شام جو اونداهي ۾ کاڌو ڪيئن ٺاهيون؟ انهي ڪري شام جو  جلدي ڪم ختم ڪري گهر پهچي ويندا آهيون. اسان جا پکا ٻوڙن ۽ ڪنڊن سان ٺهيل هوندا آهن. انهي لاءِ اهو به ڏسڻو پوندو آهي ته ڪا چڻگ لوڙهي کي ساڙي نه ڇڏي. رات جو اهو پتو به نه پئي سگهندو آهي.“

            هن ٻيو سبب اهو ٻڌايو ته هننن وٽ پاڻي جي شديد کوٽ رهندي آهي. انهي ڪري به ڪڏهن باهه وغيره جو واقعو  ٿي ويندو آهي ته وٽن باهه وسائڻ جو ڪو به بندوبست ناهي. انهي ڪري ڪبوترن جي عادت به اها بڻجي وئي آهي ته چلها اُجهائڻ لاءِ ٿورو پاڻي استعمال ڪندا آهن. ان کان علاوه عورتون چلها وسائڻ لاءِ ٽانڊن تي مٽي اڇلائي ڇڏينديون آهن. ان مان به ٻٽو فائدو حاصل ٿيندو آهي. مٽي ۾ دفن ٽانڊا پوري طرح نه وسامندا آهن، انهي ڪري جڏهن ٻيهر چلها ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي تڏهن مٿان مٽي هٽائي گرم ٽانڊن کي ڦوڪون ڏئي ٻيهر ٻارڻ لائق ڪري ڇڏيو آهي. تيلي لڳي نه تيل، باهه وڃي ٻريو.

             ٻئي ويڙهي ۾ اسان جو ان وقت وڃڻ ٿيو جڏهن  هڪ ڪبوتري ٻنهپرن جو وساميل چلهن ۾ خشڪ ٽاريون ۽ اخبارن جي ردي جا ٽڪرا وجهي ڦوڪون ڏئي رهي هئي. ان جي ڳاڙهي ۽ ڀوري چهري، ڀورين اکين ۽ طوطي جي چهنب جهڙي نڪ مان پاڻي وهي رهيو هو. هن کي ڏسندڙن جي اهڙين نظرن جي ڪابه پرواهه ڪونه هئي. هو پنهنجي ڪم ۾ اهڙي ته رُڌل هئي جو هر ٻن ٽن لڳاتار ڦوڪن کانپوءِ ٽارين کي پاسيرو ڪري ٽانڊن جي دُکن جو اوسيئڙو ڪري رهي هئي. ان عمل دوران سندس کليل وار چهري تي بار بار اچي کيس ڊسٽرب ڪري رهيا هئا، جن کي هو جهٽڪا ڏئي بار بار پٺتي اڇلائي رهي هئي. ان وقت هن نوخيز  ڪبوتري جي چهري تي جيڪي تاثرات هئا، ان جو مطلب اهو پئي نڪتو ته ڦوڪن باوجود باهه نه ٻاري ويندي.

            هيءَ هير ڪبوتري هئي، جنهن جو رانجهو مڙس وزير سندس ويجهي ويهي هڪ پراڻي فلمي رسالي ۾ تصويرون ڏسي رهيو هو.

            ”اي هير، هي اهو ئي آهي جنهن جي فلم عمر ڪوٽ ۾ ڏٺي هئي سين.“

            ”ڦٽو ڪرينس پري،هڪ ته مون کان باهه ڪونه پئي ٻري مٿان ور تون مون کي فوٽو ڏيکاري تنگ نه ڪر.“

            ”سلام وزير بادشاهه“ مون سندس مشغلي ۾ مداخلت ڪئي.

            ”اچو سائين وڏا، حڪم ڪريو.“

پر منهنجي حڪم يا عرض ڪرڻ کان اڳواٽ، مون سان گڏ اچڻ وارو ڪبوترو ساڻس منهنجو تعارف ڪرائي ٿو، جنهن تي هو پنهنجا سور روئڻ لڳي ٿو.

            ”سائين منهنجا ڇا ٻڌايون تو کي، ست ٻار آهن، هي (زال ڏانهن اشارو ڪندي) آهي، آئون آهيان 9 جيءَ ڪيئن گذارو ڪيون. بکايل پيٽ سان ته پنڻ تي به آواز نٿو نڪري. آئون بيمار آهيان. ڪڏهن مزدوري ڪريان ته ڪڏهن آرام اچيو وڃي، باقي منهنجي هير جو آسرو آهي. پر هوءَ چوي ٿي ته مرد ڏاڍو تنگ ڪن ٿا. آئون پنڻ نٿي وڃان. تون ئي ٻڌائي اسان جو گذارو ڪيئن ٿيندو؟.“

            ”تون فوٽو ڏسي گذارو ڪري وٺين ٿو. رات ڏينهن چوان ٿي ٻن رپين جو گاسليٽ آڻي ڏي. پر تون ٻڌين ڪڏهن ٿو منهنجي ڳالهه؟“ هير دونهين مان وار جهٽڪندي چهرو پڌرو  ڪندي مڙس کي دڙڪو ڏنو.

            ”او سوئر جا ٻچا ڪنهن جي آسري تي ويٺو آهين؟“ وزير پنهنجي وڏي پٽ جي ولديت تي شڪ ڪندي اظهار ڪندي چيو.

            مون ڏٺو ته هي گهريلو جهڙپ واڌارو کائيندي پئي وڃي ته مداخلت ڪندي مطلب جي ڳالهه پڇي ورتم:

            ”وزير اهو ٻڌائي ته هتي توهان جا ڪيترا گهر آهن ۽ باقي ڪبوترا سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي رهن ٿا؟“

            ”سائين وڏا سنڌ جي لاءِ چوڻ ته مشڪل آهي. پنهنجي انڊيا ۾ ڏاڍا آهن، هي راجهستان، جوڌپور ۾ آهن. دهلي واري  علائقي تائين هليو وڃ بس ڪبوترائي ڪبوترا ملندئي.“

            ”عمر ڪوٽ ۾  ته پوري ذات برادري ويٺل آهي. پنهنجي بچاءُ  بند هليو وڃ ميل موري، ڪنگور، چميرو، اڪراڙو ٿي ويو. اهي سڀ ڪبوترن جا شهر آهن. اسان ماڻهو ميرن جا شڪاري آهيون، اسان جي وڏن ڪراڙن جو ڪم هڪل ڪرڻ جو هوندو هو. اڄ تائين وڏي عزت آهي. پر جڏهن کان شڪار ڪرڻ ڇڏيو آهي تڏهن کان ڪٿي جا به ڪونه رهيا آهيون. هاڻي ته رڳو پنڻ ئي رهجي ويو آهي.“

            ان دوران هڪ عورت ٽلندي اچي اتي نڪتي ۽ پڇڻ لڳي ته ”او ڀائو ڪا امداد به ڏيندي يا خالي پيلي فوٽو ڪڍي ويندي ته ڪبوتريون ههڙيون هونديون آهن.“

            ”امداد اسان جي هٿ ۾ ناهي اها سرڪاري ماڻهو  اچي ڏيندا، اسان ته توهان جو نالو ۽ حالتون پڇڻ آيا آهيون. چڱو اهو ٻڌائي ته ٻار ڪيترا آهن، تنهنجا؟“

            ”منهنجو نالو شانتي آهي، منهنجا ست ٻار آهن،“

 ”وري اُهي ئي ست!“ مون آهستڙي چيو پر شانتي جي ٻڌڻ واري قوت تيز  هئي.

            ”اهي ست جا ست ٻار منهنجا ئي آهن. هير کي اڃا ڪو به ٻار ڪونهي ٿيو. اهي سڀ ٻار سندس مڙس جي پهرين زال مان آهن. منهنجون ڇوڪريون سڀ وڏيون آهن. ڇوڪرو ڇوٽو آهي. ڪمائڻ وارو همراه، هُو سامهون کٽ تي ويٺل آهي، دم جو مريض آهي. دورا پوندا آهنس ته حالت خراب ٿي ويندي اٿس. انهي جي واسطي امداد جي ڳالهه مون ڪئي.“

شانتي ڳالهائيندي ڳالهائيندي هٿ جي تري تي رکيل ڳاڙهي پائونڊر سان چپٽي ڀري بار بار ناسن ۾ لڳائي رهي هئي. اسان جي دوست امداد کان رهيو ته ٿيو ۽ هن کان پڇي ويٺو؛ ”هي ڇا پئي ڪرين؟“

”هي ناس آهي، نڪ ۾ لڳايان ٿي ته سڪون ٿو ملي.“

            لعل محمد پنجابي جي گهر ۾ ڪبوترا برادري جا چار گهر موجود آهن، جن ۾ سومار، جمعو، آچار ۽ سندر جا گهر شامل آهن. هفتي جا ٽئي ڏينهن جمعو، آچر ۽ سومر منهنجي آڏو بيٺل هئا باقي سندر مزودري لاءِ ويل هو.

            ڪبوترا ڪميونٽي مذهب جي معاملي ۾ به ڪافي آزاد خيال واقع ٿي. هو پنهنجن ٻارن جا نالا مسلمانن وارا رکن ٿا. جيئن بالم ڪبوتري جي زال جو نالو روبينه هو ۽ سندس ڇهن ٻارن جا نالا منور، نيازي، عطائي، امينه، نمڪي ۽ رضوانه شامل آهن. بالم ٻڌايو ته هو بيمار رهندو آهي، انهي ڪري هلڪي ڦلڪي مزودري ڪري سگهندو آهي. جنهن مان 30 رپين کان وڌيڪ آمدني نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته ان جي زال روبينه ۽ ڇهن ٻارن کي سڄو ڏينهن پنڻو ٿو پوي ۽ هو 80 يا 90 رپيا گهر کڻي ايندا آهن.

            ”بالم تنهنجو اهو نالو ڪنهن رکيو؟“

            ”منهنجو امان رکيو هو. منهنجو بابو ته چوندو هو ته ڇوڪري پيدا ڪري ڏي. امان کي پيدا ٿي ويس آئون ته مان وري منهنجو نالو بالم رکي ڇڏيو ۽ بابي کي چئي ڇڏيائين ته خبردار جو  منهنجي ڇوڪري جو نالو به ورتو اٿئي.“

            هن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۾ مون کي ڪو استفادو ڪونه پئي ٿيو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڪميونٽي بابت ڪجهه ٻڌائڻ تي آماده ڪو نه پئي ٿيو. هي معلومات مون کي بعد ۾ ٽنڊو جان محمد سان تعلق رکڻ واري هڪ ڪبوتري ساوڻ ۽ ان جي زال ملڪي کان ملي.

            ملڪي جو سڄو نالو ملڪه هو ۽ نظر به ائين ٿي آئي پر سندس مڙس ساوڻ جڏهن ساڻس بيٺل ته هرطرف سرءُ جي مند پکڙجي وئي.

            ”ها ته ساوڻ اهو ٻڌائي توهان وٽ واقعي اهڙو ڪو سلسلو آهي ته ڇوڪري ڪجهه عرصي لاءِ ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيو؟“ مون سنگين قسم جو سوال ڪنهن حد تائين نرم انداز ۾ ٺاهي پڇي ورتو.

            ”ها سائين اهو ٿيندو هو. پر هاڻي گهٽ آهي ائين. پهرين اسان جي ماڻهن ۾ عقل ڪونه هو ۽ غريب به تمام گهڻا هوندا هئا، سست ماڻهو آهيون سائين، مزدوري ڪرڻ سان تپ چڙهي وڃي ٿو. انهي ڪري محنت کان بچڻ لاءِ پوءِ ڇوڪريون ڏئي ڇڏيندا آهيون. هاڻي تمام گهٽ آهي ائين. يقين ڪريو مون کي پاڻ انهي جو معلوم ته ڪو ائين ٿيندو آهي!

            ساوڻ پنهنجي سانوري مصنوعي چهري تي زبردستي اعتماد جو رنگ چاڙهي رهيو هو.

            ”ها ائين گهٽ ٿيندو آهي پر مون کي تون اهو ٻڌائي ته اهڙو سلسلو ڪٿي ٿيو آهي. ڪو اهڙو نالو ٻڌائي جتي اهڙي طرح جي ڪبوتري موجود هجي“

            ”ڀوتار اهو مون کان ڪونه پڄندو.“ هاڻي هن مستحڪم لهجي ۾ انڪار ڪري ڇڏيو. ”چڱو اهو ٻڌائي پنڻ مان گذارو ٿي ويندوآهي يا هِتي هُتي  هٿ به هڻندو آهين؟“

”نه سائين الله جو قسم ڪڏهن غلط ڪم ناهي ڪيو. غريب آهيون پر اهڙي ريت ڪم ناهي ڪيو.“

            ”چڱو هي ٻارن جي مٺائي لاءِ وٺ“ مون کيسي مان ٽي ڳاڙها نوٽ ڪڍي هن جي مُٺ ۾ دٻائي ڇڏيا، جيڪي هن هڪدم  پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا، ”سئو مون کي ڏي“ ملڪي مڙس کان حصو وٺڻ چاهيو پر ساوڻ هن کي ڇڙٻ ڏئي پري ڪري ڇڏيو. ”هينئر روڊ تي حصيداري نه ڪر.“ ٻنهي جي رويي ۾ واضح تبديلي نظر آئي.

            ”ها ته ساوڻ ڇا پئي ٻڌايئي.“

            ”سائين مون ٻڌايو  پئي ته اسان ماڻهن ۾ اها عام ڳالهه  هوندي آهي ته ڇوڪري وڏي ٿيندي آهي ته 10 يا 20 ورهين لاءِ ڪنهن امير ماڻهو يا وڏيري جي چوڻ تي ڪم ڪار لاءِ سندس گهر ۾ لڳائي ڇڏيندا آهيون. هو جيڪڏهن سخي ماڻهو هوندو آهي ته ڇوڪري جي ماءُ پي کي 5 کان 10 ورهين تائين پگهار ڏيندو آهي پوءِ اهو پئسو غريب ماڻهو ڌنڌي يا ننڍي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪندو آهي. مٿان  وري هر مهيني پگهار به ملندي آهي. ائين وقت گذرندو آهي،“

            ”چڱو ڀلا ان جي ڪا لکا پڙهي يا رسم ٿيندي  آهي.“

”اها سائين پنهنجي پنهنجي مرضي جي ڳالهه هوندي آهي.“

             ”ڇو پنهنجي مرضي جي ڳالهه آهي رسم ته هوندي آهي ضرور“ ”ملڪي مداخلت ڪندي پنهنجوتجربو آڏو رکيو.

”ڇوڪري نئو ن جوڙو پهريندي آهي ڳاڙهو، زيور به ملندا آهن. ڇوڪريءَ جا مائٽ کاڌو رڌي مائٽن کي کارائيندا آهن. تون ٻڌائي اها رسم آهي يا نه؟.“

            ”ملڪه تنهنجي لاءِ تنهنجي ماءُ پي کي ڪنهن ڪونه  چيو؟“ منهنجي سوال تي چپ چاپ خاموش بيٺي رهي. سندس نظرون جهڪيل هيون. ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ ڳنڍي ڇڏيائين. هڪ ڪُند ذهن شاگردياڻي  جيان خاموش بيٺل رهي، جنهن کان رياضي جو ڪو مشڪل سوال پڇي ڇڏيو آهي. اتي سندس مڙس ساوڻ جواب ڏئي معاملو حل ڪري ڇڏيو.

            ”هي منهنجي مڱ هئي پر هن جي پيءُ اسان سان ڌوڪو  ڪيو، ملڪي جا پئسا وٺي ڇڏيائين ٽيهه هزار رپيا هڪ همراهه کان.“

            ”تنهنجي پي به ته پنجن هزارن جو حصو ورتو هو.“

            ”چپ ڪر هاڻي،  وات نه ڪر.“ ساوڻ زال جي زبان کلڻ کان ڊڄي ٿو ته جيئن انهي موضوع تي گهر جون ڳالهيون نه  کلي پون ۽ هو پاڻ ئي شروع ٿي وڃي ٿو.

            ”ڇو نه ٻڌايان اهو ڌوڪو نه هو مون سان؟  منهنجي پيءَ جڏهن چيو ته ملڪي جي ٻانهن اسان جي حوالي ڪر ته هن جي بابي چيو ته عمر ڪوٽ جي هڪ شاهوڪار 30 هزار رپيا ڏنا آهن ملڪي جا، جيڪڏهن تون 20 هزار رپيا ڏيين ته هن کي تنهنجي حوالي ڪريان. ملڪي ڪلهه به تنهنجي هئي ۽ اڄ به تنهنجي آهي، بس ٿورو صبر ڪر،. پنجن سالن تائين مون پنچائت ۾ وڃي گوڙ ڪيو ته پنچُو  به هن جو پاسو کنيو. پنچو چيو ته ساوڻ تو وٽ 20 هزار هجن ته ملڪي کي پاڻي وٽ ويهاري ڇڏ. مون وٽ 20 هزار هجن.  ها ته پنان ڇو ها؟ اهو ملڪي سان ۽ مون سان وڏو ظلم ٿيو. آئون بهاني بهاني سان پنندي رلندي عمر ڪوٽ پهچي ويندو هئس، وڏيرو مون کي گهٽي ۾ داخل ڪونه ٿيڻ ڏيندو هو. هڪ ڀيري آئون سندس اوطاق تي پهچي ويس  ۽ پيرين پئي منٿون ڪيون مانس ته وڏيرا مون مٿان ظلم نه ڪر. منهنجي ملڪي مون کي موٽائي ڏي. مون کي گاريون ڏنائين ۽ گهر اندر وٺي ويو. هن جي سامهون آڻي چيائين هن راڻي کي ڏس ۽ پنهنجي شڪل ڏس، هي تنهنجي لائق آهي؟ هن مونکي ڏاڍو ماريو ۽ چيائين ته پنجن ورهين کان اڳي هتي آيو آهين ته قتل ڪرائي ڇڏيندوسئين. هڪ ڀيري وري هن مون مٿان پنهنجو شڪاري ڪتو ڇڏي ڏنو. آئون پوءِ به هن کي ڏسڻ لاءِ آيو هئس ۽ ڪتي منهنجي ٻانهن جو ماس پٽي ورتو هو. انهي کانپوءِ وري آئون ڪڏهن عمر ڪوٽ ڪو نه ويس. جڏهن مدو پورو ٿيو ته هي پاڻ ئي گهر موٽي آئي، اسان جي شادي ٿي ۽ هاڻي خوش آهيان.“

            ساوڻ ڪنهن قديم قصي جيان پنهنجو واقعو پورو ڪيو. ان دوران ملڪي مڪمل خاموش رهي. هن کي شايد شڪ هو ته ساوڻ  گهر پهچڻ کانپوءِ مليل پئسن مان ڪجهه به ڪونه ڏيندو انهي ڪري ملڪي ڊائريڪٽ ڊائلنگ ڪئي:

”سيٺ ڏي تون سئو رپيا مون کي.“

            ”هن جي اسرار کان وڌيڪ سندس اظهار حسن پئي جهلڪون کاڌيون جنهنڪري پنهنجي سفري خرچ کي آڏو رکندي، سندس گهرج سئو رپين جي بدران 50 رپين جي قرباني ڏنم. جنهن تي هن نڪ سيٽي چيو “ ڪبوتر وکڻي 300 ۽ ڪبوتري 50 رپيا. سيٺ تون به سڀني وانگر بي قدرو آهين.“

اصولي طور هن جي ڳالهه درست هئي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔