اروڙ يونيورسٽي ۽ ھم نيٽ ورڪ وچ ۾ بي ايس فلم اينڊ ٽيليويزن پروگرام شروع ڪرڻ تي ڳالهيون
اروڙ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر زاھد حسين کنڊ ۽ ھم نيٽ ورڪ جي سربراھہ سلطانا صديقي اروڙ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايس فلم اينڊ ٽيليويزن پروگرام شروع ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون آھن.
اروڙ يونيورسٽيءَ جي سوشل ميڊيا پيج مطابق تجويز ڪيل پروگرام جو مقصد تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، فني مهارتن کي وڌائڻ ۽ شاگردن کي جديد ميڊيا انڊسٽري جي گهرجن مطابق سکيا مهيا ڪرڻ آهي..
ملاقات دوران وائيس چانسلر صنعت ۽ تعليمي ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ھم نيٽورڪ جو وسيع تجربو پروگرام کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ڌرين نصاب جي تياري، مهمان ليڪچرز، ورڪشاپس، انٽرنشپس ۽ فني سهائتا سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي به ڳالهايو.
ان ملاقات ۾ حسن اڪبر ۽ نازيا انعام صديقي پڻ شريڪ ٿيا.
ھم نيٽ ورڪ پاڪستان جي اهم ميڊيا ڪمپنين مان هڪ آهي جيڪو ھم ٽي وي نيوز ۽ ٻيا تفريحي چينل ٻڳ ھلائي ٿي.



