موسمياتي تبديلين جا اثر مسلسل سامھون اچي رھيا آھن ۽ ھاڻي سائنسدانن گذريل مھيني جي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو فيبروري کي قرار ڏنو آھي. ھي مسلسل نائون مھينو آھي جنھن گرم ترين ھجڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو آھي. اڳ ۾ جون، جولائي، آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر (2023 جي مھيني) ۽ جنوري (2024) مسلسل انساني تاريخ جا گرم ترين مھينا ثابت ٿيا. فيبروري ۾ سامونڊي سطح جو عالمي گرمي پد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو. يورپي موسمياتي اداري ڪلائميٽ چينج سروس (سي سي سي ايس) جي رپورٽ ۾ اهڙو اھو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب، فيبروري 2024 ۾ سراسري عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ واري سطح کان وڌيڪ 1.77 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اھڙي طرح مسلسل 13 ھون مھينو جڏھن عالمي گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. واضح رھي ته 2015 جي پيرس معاھدي ۾ طئي ڪيو ويو ھو ته عالمي گرمي پد جو 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ڪرڻ ڏنو ويندو. مجموعي طور تي مارچ 2023ع کان فيبروري 2024 جي دوران عالمي گرمي پد صنعتي عھدي کان اڳ مقابلي ۾ 1.56 ڊگري سينٽي ريڪارڊ کان وڌيڪ رھيو. عالمي گرمي پد پيرس ۾ حد کان وڌي ويو آھي، ماھرن جو چوڻ آھي ته موسمياتي تبديليون جي اثرن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته فيبروري جي شروعاتي 15 ڏينھن جي دوران روزانو عالمي گرمي پد معمول کان وڌيڪ ھو جڏھن ته 8 کان 11 فيبروري جي دوران مسلسل 4 ڏينھن گرمي پد صنعتي عھد کان پھريان جي مقابلي ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رھيو. فيبروري ۾ سامونڊي سطح تي گرمي پد 21.06 ڊگري سينٽي گريڊ رھيو ۽ اهڙي طرح آگسٽ 2023ع ۾ 20.98 ڊگري سينٽي گريڊ ٺھڻ وارو ريڪارڊ ٽُٽي ويو. يورپي اداري جو چوڻ ھو ته فيبروري جي آخر تائين سامونڊي سطح جو روزانو گرمي پد 21.09 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو ھو. سي سي سي ايس جي ڊائريڪٽر carlo buontempo ٻڌايو ته بظاھر فيبروري ۾ ٺھڻ واري ريڪارڊز حيران ڪندڙ لڳن پيا پر اھي ايترا به حيران ڪندڙ ناھن. ھن چيو ته موسمياتي تبديليون جي روڪٿام لاءِ ضروري آھي ته ھوا ۾ موجوده زھريلي گيسن جي مقدار ۾ گھٽتائي آندي وڃي جيستائين اسان ائين نه ڪنداسين ته عالمي سطح جي مطابق ريڪارڊ ٺھڻ جو سلسلو جاري رھندو امپرئيل ڪاليج لنڊن جي موسمياتي سائنس جي پورفيسر ڊاڪٽر friederike otto جو چوڻ ھو ته ثابت ٿئي ٿو اسان جو سيارو گرم ٿي رھيو آھي، حقيقت ۾ موسمياتي مرڪز، سيٽلائيٽ، طيارا ۽ بحري جھاز جي تجزين جي حقيقت سامھون ايندي آھي زمين خطرناڪ رفتار گرم ٿي رھي آھي……



