ڊاڪٽر فھميدا لغاري ڪيس ۾ سھائي عزيز ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم پنھنجو ڪم رکيو آھي

ميرپورخاص ۾ آپگھات ڪندر ڊاڪٽر فھميدا لغاري ڪيس ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم پنھنجو ڪم رکيو آھي. ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ۽ ٽي ميمبر ايس ايس سجاول علينا راجپر ۽ ڪميٽيءَ جي باقي ميمبرن يونيورسٽيءَ ۾ شآگردن جا انٽرويوز ڪيا.   

ڪالھہ جمعي جي ڏينھن بہ ساڳي ٽيم ميرپورخاص جي خانگي يونيورسٽي پھتي جتي ٽيم يونيورسٽيءَ جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو رڪارڊ ھٿ ڪيو ۽ الزام ھيٺ آيل فارماسسٽ عابد لغاري جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو. ٽيم کي يونيورسٽي انتظاميا فھميدا لغاري جي والد جي ڏنل شڪايت ۽ يونيورسٽي انتظاميا جي ان ڏس ۾ کنيل قدمن بابت پڻ آگاھي ڏني وئي.  ٽيم جي ميمبرن ان موقعي تي فھميدا جي ڪلاس فيلوز شاگردياڻين ۽ شاگردن جا پڻ بيان قلمبند ڪيا.

ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ۽ ٽيم جي ميمبر ايس ايس سجاول علينا راجپر بعد ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص جي آفيس ۾ ھڪ گڏجاڻي رٿي، جنھن ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ، ابن سينا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ميرپورخاص يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، فھميدا لغاري ڪيس جي فريادي افتخار لغاري، ايم پي اي خير النساءَ مغل ۽ سول سوسائٽي جي فردن شرڪت ڪئي، جنھن ۾ فھميدا لغاري ڪيس جي ھلندڙ جاچ، يونيورسٽي جي ماحول سميت ڪيس جي مختلف پاسن تي ويچاريو ويو

Byadmin

مَي 21, 2024

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔